خيرپور سان واسطو رکندڙ 43 ليڊي هيلٿ ورڪرز جون ڀرتيون بوگس قرار

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ، خيرپور ضلعي سان واسطو رکندڙ 43 ليڊي هيلٿ ورڪرز جون ڀرتيون بوگس قرار ڏئي ڇڏيون، پگهارون بند خلاف درخواست رد ڪئي وئي، جسٽس آفتاب ڳورڙ ۽ جسٽس فهيم صديقي تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، صحت کاتي پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته اسان وٽ 43 هيلٿ ورڪرز جي ڀرتين جو رڪارڊ ناهي، 2008ع ۾ ڀرتي ٿيل ليڊي هيلٿ ورڪرز 2013 تائين پگهارون وٺنديون رهيون، 2014ع ۾ کين نيڪالي ڏئي پگهارون روڪيون ويون هيون……