سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 374 ڪرونا ڪيس ظاهر،4 مريض فوت

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24ڪلاڪن دوران374 ڪورونا ڪيس ظاهر،4مريض فوت ٿي ويا، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت جاري بيان ۾ چيو آهي ته 163ڪورونا مريض صحتياب ٿي ويا، هن وقت 5915مريض علاج هيٺ آهن، 282مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 35مريض وينٽيليٽرز تي آهن.