ڪوٽڙي واسي نوجوان دبئي ۾ قتل، وارثن پاران لاش ڏيهه آڻڻ ۾ مدد جي اپيل

ڪوٽڙي: ڪوٽڙي جو رهواسي نوجوان جو دبئي ۾ قتل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. خورشيد ڪالوني ڪوٽڙي جو نوجوان سعيد جانوري روزگار سانگي ٻن سالن کان دبئي جي شهر سوهان ۾ رهندڙ هو. سعيد جانوري دوستن سان گڏ هڪ مسواڙي جاءِ ۾ رهندو هيو. وارثن جو چوڻ آهي ته دبئي ۾ موڪل هجڻ ڪري پوليس پاران شروعاتي جاچ ٿي نه سگهي آهي. وارثن شڪ ظاهر ڪيو ته سعيد سان گڏ رهندڙ سندس ميانوالي جي رهواسي پارٽنر کيس قتل ڪيو آهي. سعيد جانوري جو لاش هن وقت دبئي جي شهر سوهان جي مقامي اسپتال ۾ رکيل آهي، وارثن پاران پاڪستاني سرڪار کي اپيل ڪئي وئي آهي ته لاش واپس آڻڻ ۾ مدد ڪئي وڃي.