ميڪسيڪو ۾ جهاز سان حادثو، ڇهه ڄڻا اجل جو شڪار

ميڪسيوسٽي: اتر آمريڪي ملڪ ميڪسيڪو ۾ جهاز حادثي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اتر آمريڪي ملڪ ميڪسيڪو ۾ مسافر ننڍو جهاز ڪرڻ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، جهاز هيموسيلو کان ٽسڪون وڃي رهيو هو، ٽيڪ آف کان ٿورو پوءِ زمين تي ڪري تباهه ٿي ويو جڏهن ته واقعي جي جاچ جاري آهي.