پشاور: ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ، ليڊي ريڊنگ اسپتال جي او پي ڊي بند

پشاور: خيبرپختونخواهه(ڪي پي) جي گادي واري شهر پشاور ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح ۾ واڌ سبب ليڊي ريڊنگ اسپتال جي او پي ڊي بند ڪئي وئي آهي.

ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مريضن جي انگ ۾ تيزي سان واڌ سبب او پي ڊي کي هلائڻ ممڪن ناهي رهيو. ليڊي ريڊنگ اسپتال ڪورونا جي خلاف فرنٽ لائن اسپتال جي طور تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ايمرجنسي ڊيپارٽمينٽ ۾ صرف ضروري علاج ڪيو  ويندو. سروس گائني، هارٽ اٽيڪ، ايڪسيڊنٽ سبب متاثر مريضن جي لاءِ هوندي.

ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان عوام  کان تعاون جي اپيل ڪندي چيو آهي ته معمول واريون حالتون نه آهن عوام  اسان سان وڌ کان وڌ تعاون ڪري. ٻئي طرف خيبرپختونخواهه(ڪي پي) ۾ ڪورونا فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرزسڀاڻي کان ڊيوٽي جي به بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

نرسز الائنس جي ترجمان ناصر علي شاهه چيو آهي ته  مطالبن جي لاءِ خيبرپختونخواهه اسيمبلي چوڪ تي ڌرڻو هڻنداسين. صحت کاتي کي هڪ مهيني جو وقت ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن ڏنل مدي ۾ ڪجهه نه ٿيو سموري صوبي ۾ نرسون بائيڪاٽ ڪري پشاور پهچي وينديون.

اسپتالن ۾ اڳ ئي هيلٿ ورڪرز جي کوٽ آهي.  ان حوالي سان نرسز الائنس جي ترجمان ناصر علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته اڃان تائين پروموشن سروس اسٽرڪچر ايم ٽي آءِ نرسز ريڪولائيزيشن جي مطالبن تي يقين ناهي ٿيو. ناصر علي شاهه چيو ته مطالبن ۾ نرسز جي ريڪروٽمينٽ نرسز لاءِ ڌار ڊائريڪٽريٽ ۽ انٽرنشپ  جا سينس به شامل آهن.