بنگلاديش: وزيراعظم جي قتل جي رٿابندي ڪندڙ 14 شدت پسندن کي موت جي سزا

ڍاڪا : بنگلاديش ۾ ٻه ڏهاڪا اڳ وزيراعظم شيخ حسينا واجد کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ 14 دهشتگردن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهي دهشتگرد 2000 ۾ بم ڌماڪي جي رٿابندي ۾ ملوث هئا.
شيخ حسينا واجد تي سندس سيڪيولر موقف سبب شدت پسند ڪيترائي ڀيرا حملي جي ڪوشش ڪري چڪا آهن.
ان سلسلي ۾ ملڪ ۾ شدت پسندن خلاف وڏي پئماني تي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ پوليس ڪارروائين ۾ 100 کان وڌيڪ شدت پسند ماريا ويا ۽ هزار کان وڌيڪ شڪي دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.
بنگلاديش جي پراسيڪيوٽر عبدالله ڀوليان موجب عدالت بغاوت ۽ مجرماڻي سازش ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 14 جوابدارن کي موت جي سزا ٻڌائي، جن مان 5 مفرور آهن.
واضح رهي ته بنگلاديش ۾ هر سال ڪيترن ئي ماڻهن کي موت جي سزا ٻڌائي ويندي آهي پر انهن مان ڪجهه کي ڦاهيءَ تي ٽنگيو ويندو آهي.