زرداري مافيا چور ۽ دهشتگرد آهي، اڄ سياسي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي: حليم عادل

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ جهيڙي بعد پي ٽي آءِ ميمبرز ايوان مان ٻاهر نڪري آيا، اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ۽ ٻين پي ٽي آءِ ميمبرز ميڊيا سان ڳالهين دوران به آپي مان نڪري ويا، صحافين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن سان به منهن ماري ڪئي. حليم عادل شيخ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته زرداري مافيا چور ۽ دهشتگرد آهي، اڄوڪو ڏهاڙو سياسي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، بلاول تون بينظير جو پٽ نه آهين، تون ڀٽو نه پر زرداري آهين.