آمريڪا گرين ڪارڊ تان پابندي ختم ڪري ڇڏي

واشنگٽن: صدر جوبائيڊن آمريڪا ۾ گرين ڪارڊ تان پابندي ختم ڪري ڇڏي.
آمريڪي صدر جوبائيڊن گرين ڪارڊ جي ڪيترين ئي درخواستن کي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي بابت فيصلي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.ان سلسلي ۾ آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو ته ان پابندي سبب آمريڪا کي فائدي بجاءِ نقصان پلئه پئجي رهيو آهي، ان پابندي جي نتيجي ۾ آمريڪي شهرين ۽ جن ماڻهن کي قانوني طور تي آمريڪا ۾ مستقل رهائش جو اختيار حاصل آهي اهي به پاڻ ۾ ملي نه پيا سگهن.ان پابندي سان آمريڪي صنعتن کي به نقصان رسي رهيو آهي جيڪي پنهنجي ڪم لاءِ سموري دنيا جي صلاحيتن جو استعمال ڪندا آهن.