حڪومت پاران پهرين مارچ کان تعليمي ادارا نارمل وقت موجب کولڻ جو اعلان

اسلام آباد: وفاقي حڪومت، پهرين مارچ کان سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارا نارمل وقت موجب کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو: تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته سڄي ملڪ جا تعليمي ادارا هفتي ۾ 5 ڏينهن کلندا، فيصلو سمورن تعليمي ادارن تي لاڳو هوندو، الله جو شڪر آهي اسان معمول تي اچي رهيا آهيون.