ايترو ظلم ڪيو، جيترو برداشت ڪري سگهو: حليم عادل جو وڏي وزير لاءِ پيغام

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي وارننگ ڏئي ڇڏي. پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ حليم عادل شيخ چيو آهي ته شاهه صاحب ايترو ظلم ڪيو، جيترو برداشت ڪري سگهو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن مون تي جيل ۾ حملو نه ڪيو ويو ته جيل جي مڪمل ويڊيو جاري ڪئي وڃي، سنڌ حڪومت ايڊٽ ٿيل ويڊيو جاري ڪئي.