اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف وچ ۾ فون تي رابطو

ڪراچي : اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف وچ ۾ فون تي رابطو، سيالڪوٽ جي تڪ اين اي 75 ۾ ڌانڌلي ۽ چونڊ نتيجا روڪڻ واري معاملي تي ڳالهيون، ذريعن موجب نواز شريف اڳوڻي صدر آصف زرداري کي پنجاب ۾ ضمني چونڊن واري صورتحال کان آگاهه ڪيو، نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته هاڻي خبر پئي ته مافيا ڇا آهي؟ ملڪ ۾ رڳو ووٽ نه، پر اليڪشن عملو به چوري ٿي ويندو آهي، اين اي 75 جا نتيجا روڪڻ نتيجن کي ڦيرڦار ڪرڻ جي ڪوشش آهي.