فشرمين ڪوآپريٽوِ سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين نثار مورائي کي غيرقانوني ڀرتين جي مختلف ڪيسز ۾ مجموعي طور 11 سال ٽيپ جي سزا

ڪراچي : فشرمين ڪوآپريٽوِ سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين نثار مورائي کي غيرقانوني ڀرتين جي مختلف ڪيسز ۾ مجموعي طور 11 سال ٽيپ جي سزا، ڪراچي جِي احتساب عدالت فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ غيرقانوني ڀرتين جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي نثار مورائي ۽ سلطان قمر سوڌو چئن جوابدارن کي 7-7 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، نثار مورائي کي جعلي ڀرتين جي هڪ ٻئي ڪيس ۾ 4 سال قيد جي به سزا جو حڪم ڏنو ويو، اڳوڻي چيئرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي نثار مورائي ۽ ٻين خلاف غير قانوني ڀرتين جي حوالي سان نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ٻين جوابدارن عمران افضل ۽ شوڪت حسين کي به 4، 4 سال قيد جي سزا ٻڌائي جڏهن ته چارئين جوابدارن تي 10، 10 ملين روپيا ڏنڊ جو به حڪم ڏنو. عدالت نثار مورائي کي مجموعي طور تي 11 سال قيد ۽ 5 لک ڏنڊ جي سزا ڏني، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نثا مورائي فشريز ۾ 143 غير قانوني ڀرتيون ڪيون ۽ 20 ماڻهن کي مستقل ڪيو، نثار مورائي جي خلاف غير قانوني ڀرتيون جو الزام ثابت ٿئي ٿو، جڏهن ته ٻين جوابدارن خلاف غير قانوني ڀرتين جو الزام ثابت نٿو ٿئي.