ڪراچي جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت،حليم عادل شيخ ۽ ٻين جوابدارن کي 25 فيبروري تائين جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو

ڪراچي : ڪراچي جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، دهشتگردي ڪيس ۾ گرفتار سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ۽ ٻين جوابدارن کي 25 فيبروري تائين جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، ملير پوليس هٿان گرفتار ٿيل حليم عادل شيخ کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ وقت پوليس جي بڪتر بند گاڏي جو ٽائر پنڪچر ٿي ويو، جنهن بعد پوليس بڪتر بند گاڏي ڇڏي ٻئي گاڏي ۾ سوار ٿي حليم عادل شيخ کي جيل منتقل ڪيو، پيشي جي موقعي تي حليم عادل شيخ معزز جج کان مخاطب ٿيندي چيو ته کيس مارڻ لاءِ ڪمري ۾ نانگ ڇڏيو ويو، جنهن تي جج چيو ته توهان نانگ ڏند ڏٺا هئا، توهان کي جيل موڪلي رهيا آهيون جتي توهان محفوظ رهندئو، بعد ۾ عدالت جاچ آفيسر کي چالان جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي حليم عادل شيخ کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.