سياحت کاتي ۾ ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ڊائريڪٽر روشن ڪناسرو ۽ مرتضيٰ دائود پوٽو جي ضمانت واري درخواست رد, گرفتار

اسلام آباد : سنڌ جَي سياحت کاتي ۾ ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ڊائريڪٽر روشن ڪناسرو ۽ مرتضيٰ دائود پوٽو جي سپريم ڪورٽ مان ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ بعد پوليس کين گرفتار ڪري ورتو آهي. سپريم ڪورٽ ساڳئي ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن الطاف ميمڻ ۽ محمد اعظم جي ضمانت منظور ڪري ورتي. جڏهن ته عدالت وڌيڪ ٻن جوابدارن جي ضمانت بابت ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي..