يوٽيلٽي اسٽورز تي اٽي، کنڊ ۽ گيهه جي اگهن ۾ واڌ جي سمري تيار

اسلام آباد: يوٽيلٽي اسٽورز تي کنڊ، اٽي ۽ گيهه جي اگهن ۾ واڌ جي سمري تيار ڪري ورتي آهي.
عام مارڪيٽ کان پوءِ يوٽيلٽي اسٽورز تي ضرورت جون شيون مهانگيون ڪيون ويون آهن ۽ کنڊ، اٽي ۽ گيهه جي اگهن ۾ واڌ جي سمري تيار ڪئي وئي آهي، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت سمري اقتصادي رابطا ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.
سمري موجب يوٽيلٽي اسٽورز تي کنڊ 7 رپيا في ڪلو مهانگي ڪرڻ جي تجويز آهي جنهن کان پوءِ کنڊ 68 رپين کان وڌي 75 رپيا في ڪلو ٿي ويندي.
يوٽيلٽي اسٽورز تي گيهه 45 رپيا في ڪلو ۽ اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت ۾ به واڌ جي تجويز آهي، گيهه جي قيمت 175 رپين کان وڌي 220 رپيا في ڪلو ڪرڻ جي تجويز آهي.