لياري گينگ وار جو مک ڪردار عذير بلوچ وڌيڪ 3 ڪيسن ۾ بري

ڪراچي: لياري گينگ وار جو مک ڪردار عذير بلوچ وڌيڪ 3 ڪيسن ۾ بري ٿي ويو، ڪراچي جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، پوليس مقابلو ۽ ڌمڪين سميت 3 ڪيسن ۾ شاهديون نه ملڻ تي عذير بلوچ کي بري ڪيو، جوابدار خلاف 2012 ۾ ڪلري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، عذير بلوچ هيل تائين 11ڪيسن مان بري ٿي چڪو آهي.