ريما آمريڪا ۾ ڪورونا ويڪسين جو ٻيو ڊوز هڻائي ڇڏيو

لاهور: پاڪستان فلم انڊستري جي مشهور اداڪاره ريما آمريڪا ۾ ڪورونا ويڪسين جو ٻيو به ڊوز هڻائي ڇڏيو.
آمريڪا ۾ ڪرونا ويڪسين جو ٻيون ڊوز هڻائڻ کانپوءِ اداڪاره ريما ماڻهن کي حوصلو ڏيندي چيو ته ويڪسين کان نه گهٻرايو.
ريما ماڻهن کي هدايت ڪئي ته ڪورونا ويڪسين هڻايو ۽ ٻين جي زندگي بچايو.
ياد رهي ته ان کان پهرين اداڪاره ريما خان 19 جنوري تي ڪورونا وائرس جي پهرين ويڪسين هڻائي هئي.