حيدرآباد ۾ اٽو هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگو، في ڪلو 70 رپين ۾ وڪرو

حيدرآباد: اٽو هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگو، في ڪلو 70 رپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو آهي، تندور وارن به 12 رپين وارو نان 15 رپيا ۽ چپاتي 12 رپيا ڪري ڇڏي آهي. حيدرآباد ۾ اٽو بيهر 70 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن سببغريب عوام پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهي. اٽو مهانگو ٿيڻ بعد تندور مالڪن به نان 15 رپيا ۽ چپاتي 12 رپين ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن.حيدرآباد انتظاميا اٽي جي اگهن تي ضابطو آڻن ۾ ناڪام نظر اچي رهيو آهي، جنهن سبب جي غريب ماڻهو اٽو مهانگو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن ….