حريم شاهه جي زندگي تي ٻڌل فلم ”راز“ جون جهلڪيون وائرل

ڪراچي : پاڪستان جي تڪراري ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه پاڪستان جي ڊجيٽل اسٽريمنگ پليٽ فارم اردو فلڪس لاءِ ٺاهي ويندڙ ويب سيريز ”راز“ جي ذريعي اداڪاري ۾ ڊيبيو ڪري رهي آهي.
حريم شاهه طرفان فلم ”راز“ جو هڪ ٽيزر انسٽاگرام تي شيئر ڪيو ويو جنهن ۾ حريم شاهه کي پيسن سان کيڏندي ڏسي سگھجي ٿو.
فلم جي ٽيزر ۾ حريم شاهه جي مفتي قوي کي چماٽ هڻڻ جي وڊيو به موجود آهي، حريم شاهه فلم راز ۾ به ڪبير نالي مولوي سان گڏ اسڪينڊل ۾ نظر ايندي.
فلم جي ٽيزر جي حوالي سان حريم شاهه خانگي ٽي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته ويب سيريز راز سندس زندگي کي نظر ۾ رکندي ٺاهيو ويو آهي، فلم ۾ حريم شاهه جي زندگي ۾ پيش آيل واقعن کي به پيش ڪيو ويو آهي.