”آسڪر“ ايوارڊز تقريب مقرر وقت تي پر ورچوئل به هوندي

نيويارڪ: فلمي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ معتبر ايوارڊ ”آسڪر“ ڏيندڙ اداري دي اڪيڊمي آف موشن پڪچرز آرٽس اينڊ سائنس جي انتظاميا هڪ دفعو ٻيهر ايوارڊز تقريب ۾ تبديليون ڪري ڇڏيو.
خابرو اداري اي پي موجب 10 فيبروري تي آسڪر انتظاميا جي هڪ عهديدار تصديق ڪئي ته ايواردز تقريب 25 اپريل تي ئي ٿيندي پر ان ۾ ٿوري تبديلي ڪئي وئي آهي.
آسڪر انتظاميا گذريل سال جون ۾ ئي تصديق ڪئي هئي ته ڪورونا وبا جي ڪري هن سال ايوارڊز تقريب فيبروري بجاءِ 25 اپريل تي ڪوٺائي ويندي.