ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ حڪومت سان گڏ آهيون: مراد علي شاهه

ڪراچي: ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي اڳواڻي ۾ ڪشميري ٻڌي جي اظهار لاءِ علامتي واڪ، پ پ سيڪريٽريٽ کان مزار قائد تائين واڪ ۾ صوبائي وزيرن ۽ پ پ اڳواڻن به شرڪت ڪئي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪشمير مسئلو رڳو تقريرن سان حل نه ٿيندو، ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ حڪومت سان گڏ آهيون، عالمي برادري کي اپيل آهي ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي، ڪشمير مسئلو خطي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.