ڪپل شرما پاڪستان اچڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

ممبئي: مشهور ڀارتي ڪاميڊين ڪپل شرما پاڪستان اچڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
ڪپل شرما ٽوئيٽر تي پنهنجن مداحن سان ڳالهائڻ جي حوالي سان اعلان ڪيو هو ته اڄ شام 4 وڳي هو ٽوئيٽر تي موجود هوندو تنهن ڪري جنهن ماڻهوءَ کي جيڪو ڪجهه پڇڻو هجي پڇي هو ان جو جواب ضرور ڏيندو.
ڪپل شرما جي ٽوئيٽ کانپوءِ صارف مقرر وقت تي سوال ڪرڻ شروع ڪيا، ان موقعي تي هڪ پاڪستاني مداح خاموش نه ويٺو، چوڌري آصف نالي صارف ڪپل کان سوال ڪيو ته پاڪستان اچڻ جي ڪا اميد آهي.
پاڪستاني مداح جي سوال تي ڪپل شرما جواب ڏيندي چيو ته آئون گوردواره ڪرتارپور صاحب جي درٻار ۾ اچڻ ٿو چاهيان، ڏسجي ته اوڏانهن ڪڏهن ٿو وڃڻ ٿئي.