پاڪستان اندرڪرپشن ۾ واڌ: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ڪرپشن گذريل سال جي مقابلي ۾ وڌي وئي آهي. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل ڪرپشن بابت عالمي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ 1880 ملڪن جي لسٽ ۾ پاڪستان جو 124هون نمبر آيو آهي.

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ موجب ڪرپشن جي رينڪنگ ۾ پاڪستان جي گذريل سال جي مقابلي ۾ 4 درجا تنزلي ٿي. 2019 ۾ ڪرپشن بابت هن لسٽ ۾ پاڪستان جو رينڪ 120 هو. گذريل سال ڪرپشن جي خلاف پاڪستان جو اسڪور ريٽ 31 رهيو. جڏهن ته ڀارت ڪرپشن جي خلاف 40 اسڪور سان گڏ 86  نمبر تي رهيو.

ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ ۾ صوماليه ۽ ڏکڻ سوڊان ڪرپٽ ترين ملڪ قرار ڏنا ويا آهن. نيوزيلينڊ ۽ ڊينمارڪ ڪرپشن جي خلاف 88 اسڪور سان پهرين نمبر تي رهيا،. ڪينيڊا ۽ برطانيه 77 پوائنٽن جي اسڪور سان گڏ 11هين، آمريڪا 67 پوائنٽن سان گڏ 25هين نمبر تي رهيو. سينگاپور جو اسڪور 85، برطانيه جو 77، يو اي اي جو 71 رهيو.

ان حوالي سان ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي چيئرمين سهيل مظفر جو ان حوالي سان چوڻ هو ته گذريل ٻن سالن ۾ نيب ڪرپشن جا 365 ارب روپيه هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پر ان جي باوجود پاڪستان جو رينڪ 124 آهي.