اپوزيشن لانگ مارچ ڪري، ڪا رنڊڪ نه وجهنداسين: شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پي ڊي ايم لانگ مارچ سڀاڻي بدران اڄ ڪري، سندن راهه ۾ ڪا رڪاوٽ نه وڌي ويندي. خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته ايندڙ ڏينهن ۾ براڊ شٽ ملڪ جو اهم ڪيس بڻجندو، هي پاڪستان لاءِ ٻيو پاناما ڪيس ٿي رهيو آهي، جاچ ۾ سڀ ڪجهه واضح ٿي ويندو، تڏهن ئي ڪو فيصلو ٿي سگهندو ته هن کي عدالت ۾ آندو وڃي يا نه، براڊ شيٽ جاچ ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) عظمت سعيد پاناما جاچ ڪميشن جو واليم 10 پڙهيو آهي.