شهيد بينظيرڀٽو ۽ آصف زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو جي اڄ ميندي واري رسم ادا ڪئي ويندي

ڪراچي: شهيد بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو جي لانئون لهڻ واريون تقريبون جاري ڪيون ويون ، بختاور ڀٽو زرداري جي اڄ ميهندي واري رسم ادا ڪئي ويندي، بختاور ڀٽو زرداري پنهنجا هٿ ميهندي سان رڱي ڇڏيا، بلاول هائوس ڪراچي ۾ اڄ ميهندي جي رسم دوران ڀٽو ۽ زرداري ڪٽنب سوڌو ڪنوار جون ساهيڙيون شرڪت ڪنديون، پي ڊي ايم سربراهه کي آصف زرداري جي نياڻيءَ جي شادي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت نه ملي، صحافين جي سوالن تي مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪهڙي شادي، زرداري صاحب ته ڌيءُ جي شادي ۾ مون کي گهرايو ئي نه آهي، شادي تقريب ۾ وڏڙن جي شرڪت بابت خبر نه آهي، پر مون کي دعوت ناهي ملي.