نيب انڪوائري تي صوبائي صلاحڪار نثار کهڙو جِي ضمانت ۾ واڌ واري درخواست رد

ڪراچي : سنڌ جَي سرڪاري گودامن مان ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ چوري ٿيڻ بابت نيب انڪوائري تي صوبائي صلاحڪار نثار کهڙو جِي ضمانت ۾ واڌ واري درخواست رد ڪئي وئي ، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته نثار کهڙو خلاف خوراڪ کاتي ۾ ڪرپشن بابت انڪوائري جاري آهي، عدالت خوراڪ کاتي ۾ ڪرپشن انڪوائري بابت سموريون درخواستون گڏائي ڇڏيون، نثار کهڙو کي 17 مارچ تائين گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم، نيب کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.