گوگل جي ميل ۾ اهم اپ ڊيٽ جي واڌ ڪري ڇڏي

ڪيليفورنيا: گوگل گذريل سال جي ميل کي اپ ڊيٽ ڪيو هو ۽ هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر اي ميل سروس کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي.
هڪ سال کان به گهٽ مدي ۾ ڪيل انهن نين اپ ڊيٽس جو مقصد اي ميل سروس جو استعمال صارفن جي لاءِ سولو بڻائڻ آهي.
گوگل طرفان اي ميل جي ويب ويزن لاءِ ان اپ ڊيٽ کي متعارف ڪرايو ويو.
هاڻ ان اپ ڊيٽ کان پوءِ صارف ان اي ميل سروس جي اندر نيوي گيشن لاءِ چيٽ ۽ رومز سيڪشنز کي ري سائز ڪري سگهندا، جيڪي کاٻي ساپي کان هوندا آهن.
گوگل جو چوڻ آهي ته ان سان صارفن جي لاءِ اهم ترين ڳالهه ٻولهه کي ٽريڪ ڪرڻ سولو ٿي ويندو ۽ لاڳاپيل چيڪ تائين پهچ جلد حاصل ٿي سگهندي.
ان فيچر کي استعمال ڪرڻ سولو آهي، چيٽ ۽ رومز سيڪشنز کي ڪلڪ ڪري ري سائز ڪري سگهجي ٿو، ان کي ڇِڪي گري رنگ جي سيڪشن جي هيڊر ۾ کڻي وڃي پنهنجي مرضي موجب ڊگهو يا مختصر ڪري سگهجي ٿو.
هي فيچر بلڪل اهڙي طرح ڪم ڪري ٿو جيئن گوگل هينگ آئوٽ ويجيٽ کي ري سائز ڪيو ويندو هو.