فارن فنڊنگ ڪيس جي اوپن ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم

وانا: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس جي اوپن ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي، چئلينج ڪيان ٿو ته فارن فنڊنگ ڪيس ٽي وي تي لائيو ڏيکاريو وڃي، فارن فنڊنگ ڪيس ۾ پارٽي جي سربراهن کي ويهاري ٻڌو وڃي. وزيرستان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو آهي ته سياسي فنڊ ريزنگ صرف تحريڪ انصاف ڪئي آهي، ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان موڪليل فنڊنگ سان ملڪ هلندو آهي. هن چيو آهي ته شوڪت خانم جي فنڊنگ سمنڊ پار پاڪستانين ڪئي، ان جي هنن کي خبر آهي ۽ مون کي به خبر آهي ته فارن فنڊنگ ڪهڙي آهي، ڪيترن ئي ملڪن اپوزيشن جماعتن کي پيسا ڏيندا رهيا، ان ملڪن سان لاڳاپا هجڻ ڪري نالا نٿو ٻڌائي سگهان. وزيراعظم جو چوڻ هو ته فارين فنڊنگ ڪيس اٿارڻ تي اپوزيشن جو ٿورائتو آهيان، هي سڀ سامهون اچڻ گهرجي ته تحريڪ انصاف ۽ اپوزيشن جماعتن کي فنڊنگ ڪٿان کان ٿيندي رهي.عمران خان چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ سياسي جماعتون فنڊنگ ڪنديون آهن، اپوزيشن جماعتون ٻڌائن ته هنن ڪٿان پيسا گڏ ڪيا، سمنڊ پار پاڪستاني فارين فنڊنگ نه آهي، سڄي قوم کي خبر پئجي ويندي ته ڪنهن هن ملڪ ۾ صحيح طريقي سان پيسا گڏ ڪيا آهن.