ڪورونا کي شڪست ڏيندڙ ماهرا خان اسڪرين تي اچڻ لاءِ تيار

ڪراچي :پاڪستان جي ڪامياب ترين اداڪارا ماهرا خان ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي وئي.
هڪ نجي چئنل جي تقريب دوران ورچوئل گفتگو دوران ماهرا خان ٻڌايو ته منهنجي ڀاءُ سميت ڪيترائي اهڙا ويجها دوست آهن، جيڪي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ باوجود ٺيڪ رهيا.
هن چيو ته مون ۾ ڪورونا جون سخت علامتون هيون، ڏاڍو ڏکيو وقت هو پر هاڻ الحمدالله بلڪل ٺيڪ آهيان.
قرنطينه ۾ گذاريل وقت بابت اداڪارا چيو ته ان دوران مان اسڪرپٽ پڙهيا ۽ هاڻ جلد ئي ڊرامن ۾ واپس اينديس.