ماضي جِي ڊيلز ۽ اين آر او جو ڪيتو عوام کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي: شهزاد اڪبر

ڪراچي: ماضي جِي ڊيلز ۽ اين آر او جو ڪيتو عوام کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي، ايون فيلڊ جي مد ۾ براڊ شيٽ کي هڪ ڏهائي 5 ملين ڊالرز ڏنا ويا: وزير اعظم جَي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته نيب ۽ براڊ شيٽ ۾ معاهدو سال 2 هزار ۾ ٿيو، ڊسمبر 2000ع ۾ نواز شريف ڊيل ڪري سعودي عرب هليو ويو، احتساب لاءِ شفافيت لازمي آهي، اسان کي پنهنجن ادارن تي به اعتماد ڪرڻ گهرجي پي ٽي آءِ حڪومت ماضي ۾ ڏنل اين آر جي ڪري اڄ ڀوڳي رهي آهي، براڊ شيٽ کي هڪ ڏهائي 5 ملين ڊالرز ايون فيلڊ جي مد ۾ ڏنا ويا، وزير اعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر وڌيڪ چيو ته ته پاڪستان ۾ نيب ريڪوري ڪئي آهي، اسان کي پنهنجن ادارن تي اعتماد هئڻ گهرجي، 48 ڪلاڪن اندر حقيقتون سامهون آڻينداسين.