ديپڪ کان عليحدگي بعد سنيتا راٺوڙ پوليس مقابلي ڪيس کان به پاسيري ٿي وئي

ڪراچي: ديپڪ کان عليحدگي اختيار ڪرڻ بعد سنيتا راٺوڙ پوليس مقابلي خلاف ڪيس کان به پاسيري ٿي وئي، ديپڪ ڪمار ڪيس ۾ پٽيشنر بڻجڻ ۽ معاوضي رقم سنيتا بدران کيس ادا ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، درخواست ۾ ديپڪ موقف اختيار ڪيو آهي ته سُنيتا قانوني طور هاڻ منهنجي زال ناهي رهي، هاڻي هوءَ ڪيس جي پيروي نه ڪندي، آئون پاڻ ڪيس جي پيروي ڪندس، علاج ۽ ٻار جي تعليمي خرچن لاءِ رقم هاڻ مون کي ادا ڪئي وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس تي ٻڌڻي دوران سنيتا جي وڪيل چيو ته سنيتا جي ڪابه خبر نه آهي ۽ ساڻس رابطو به نٿو ٿئي، عدالت سنيتا راٺوڙ کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي 17 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.