سنڌ حڪومت پاران نيب زده 435 ملازمن خلاف ڪارروائي واري رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع

ڪراچي: سنڌ حڪومت نيب ڪيسز کي منهن ڏيندڙ 435 سرڪاري ملازمن جي رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، حڪومت طرفان مختلف کاتن جَي 55 ملازمن کي سخت سزا، 10 ڄڻن جي تنزلي ۽ 29 ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو انڪشاف، 12 ملازمن کي رِورٽ ڪيو ويو، 238 ملازمن خلاف ڪارروائي جاري، سنڌ سرڪار جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نيب سان پلي بارگين ۽ وي آر ڪندڙ 73 ملازمن جِي انڪريمينٽ بند ڪئي وئي، اڳوڻي ڊسٽرڪٽ روينيو آفيسر اديب بچاڻي کي به پنج سالن لاءِ رورٽ ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي.