سشميتا سين جي ڌيءَ به اداڪاري جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو

ممبئي: بالي ووڊ فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪاره سشميتاسين جي ڌيءَ ريني به مختصر فلم(سٽاباز) کان اداڪاري جي دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب مختصر فلم(سٽاباز) لاڪ ڊائون جي دوران شوٽ ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ اداڪاره سشميتا سين جي ڌيءَ ريني اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن. مختصر فلم ۾ سشميتا سين جي ڌيءَ هڪ ٽين ايجز)نوجوان) جو ڪردار اد اڪيو آهي. جيڪا گهر ۾ پنهنجي والدين کان لڪي سگريٽ ڇڪيندي آهي.هڪ انٽرويو دوران ريني جو چوڻ هو ته مان سمجهان ٿي ته فلم انڊسٽري ۾ مون کي پنهنجو مقام حاصل ڪرڻو پوندو. جتي ڪيترائي ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن.