مچ سانحي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سخت ٿڌ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو

ڪراچي : سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مچ سانحي خلاف سخت ٿڌ ۾  احتجاج جو سلسلو جاري آهي، ڪيترن ئي شهرن ۾ ڌرڻا هڻي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو آهي. سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مچ سانحي خلاف ڌرڻا جاري آهن. ڪراچي ۾ نمائش چورنگي سميت  25 مختلف جاين تي ڌرڻن سبب ٽرئفڪ سخت متاثرٿي رهي آهي ، شاهراهه فيصل، ڪامران چورنگي، ناٿا خان، جوهر موڙ ، نمائش چورنگي  ۽ ٻين علائقن ۾ ڌرڻا جاري آهن، ڪراچي ايئرپورٽ ويندڙ رستا بند هجڻ سبب اُڏامن جو شيڊول به  متاثر  ٿيو آهي   حيدرآباد، هالا، سکر، گهوٽڪي، نوابشاهه، ڪنڊيارو، ڪشمور، گاجي کهاوڙ، ڪوٽڙي، ڄام صاحب، مورو ۽ ٻين شهرن ۾ به ڌرڻا هنيا ويا آهن  سکر ويجهو  ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ مچ سانحي جي ذميوارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ شيعا تنظيمن پاران ڌرڻو جاري آهي. موري ۾ قومي شاهراهه تي مچ سانحي خلاف سيد ڪاظم علي شاهه ۽ مولانا دوست محمد چنا جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو  جاري آهي  هالا باءِ پاس وٽ مچ واقعي خلاف لڳل ڌرڻي ۾ عورتون به پنهنجي معصوم ٻارن سان گڏ شريڪ آهن  ڌرڻي ۾ مخدوم غلام محي الدين سميت  هالا، ڀاڻوٺ، سعيد خان لغاري،ڀٽ شاهه  ۽کيبر سميت مختلف علائقن جا ماڻهو شامل آهن. اڳواڻن جو چوڻ هو ته مچ ۾ بيگناهه انسان کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو آهي ڪوئيٽا ۾ جاري احتجاج تائين سندن ڌرڻا به لڳل رهندا . اڳواڻن وفاقي سرڪار ۽ بلوچستان حڪومت کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث هٿن کي  وائکو  ڪري جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جئين اهڙن واقعن جو ورجاءُ نه ٿي سگهي.