لانگ مارچ ۽ استعيفيٰ واري آپشن جي حڪمت عملي تي صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن:مولانا فضل الرحمان

پشاور : بنون ۾ حڪومت مخالف اتحاد پي ڊي ايم طرفان اڄ ريلي ۽ جلسو ڪيو پيو وڃي، بنون جي اسپورٽس ڪامپليڪس تي جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون ، پي ڊي ايم جي ريلي ۽ جلسي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شرڪت نه ڪندو، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سينيٽ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو اتفاق راءِ سان ڪيو آهي، لانگ مارچ ۽ استعيفيٰ واري آپشن جي حڪمت عملي تي صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن، حڪومت سان قومي ڊائلاگ جا ڪي به امڪان نه آهن، جعلي اسيمبلي کي مُدو پورو نه ڪرڻ گهرجي.