ڀارتي اداڪاره جهانوي ڪپور ممبئي ۾ عاليشان گهر خريد ڪري ورتو

ممبئي: ڀارت جي اڳوڻي مشهور اداڪاره سري ديوي جي ڌيءَ اداڪاره جهانوي ڪپور 39 ڪروڙ ڀارتي روپين جو نئون گهر خريد ڪري ورتو آهي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب جهانوي ڪپور ممبئي ۾ 39 ڪروڙ روپيه(85 ڪروڙ کان وڌيڪ پاڪستاني روپين) جو عاليشان گهر خريد ڪري ورتو آهي.

3.456 مربع فٽ تي پکڙيل جهانوي ڪپور جو عاليشان گهر ممبئي جي جوهو بلڊنگ جي 15.14 ۽ 16هين ماڙ تي قائم آهي. اداڪاره جهانوي ڪپور گهر خريد ڪرڻ جو معاهدو گذريل مهيني 7 ڊسمبر تي مڪمل ڪيو.

هڪ ٻئي ڀارتي رپورٽ موجب اداڪاره 78 لک روپين جي اسٽامپ ڊيوٽي جي مد ۾ ادا ڪيا. عاليشان گهر خريد ڪرڻ کان پوءِ اداڪاره جهانوي ڪپور به مهانگا گهر رکندڙ بالي ووڊ جي شخصيتن ۾ شامل ٿي وئي آهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ اداڪاره عاليه ڀٽ ۽ اداڪار ريتهڪ روشن عاليشان گهر خريد ڪرڻ سبب ميڊيا جي زينت بڻيل هئا.