يو اين قراردادن موجب ڪشميرين جي حمايت جاري رکي ويندي: عسڪري قيادت

راولپنڊي: چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته قومي ادارن جي سڀني عنصرن کي درپيش چئلينجز کي نبرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ 238 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ منعقد ٿي. ڪانفرنس ۾ علائقائي ۽ ملڪي سيڪيورٽي جي صورتحال خصوصي طور سرحدن جي صورتحال، داخلي سيڪيورٽي ۽ پاڪ فوج جي پيشيواراڻن معاملن جو جائزو ورتو ويو.

ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن يوم حق خوداراديت جي موقعي تي ڪشميرين جي مڪمل حمايت جي عزم جو ارادو ڪندي چيو ته انشاءَ الله ڪشمير تڪرار جو حل سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب ٿيندو. ڪيترن ئي ڏهاڪن کان غاصب قابض ڀارتي فوج جو ظلم ۽ ستم به ڪشميرين جي جدوجهد آزادي کي نه دٻائي سگهيو.

ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن افغانستان ۾ امن عمل ۾ هاڻوڪي مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته قومي ڪوششن سان خطرن کي مڪمل طور شڪست ڏئي سگهجي ٿي، جنهن لاءِ معاشري جي سڀني ڌرين کي پنهنجو بامقصد ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

ڪورڪمانڊر ڪانفرنس ۾ لائن آف ڪنٽرول، ورڪنگ بائونڊري ۽ مشرقي سرحدن جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو. شريڪ ٿيندڙن ڪنهن به مهم جوئي جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تربيت ۽ پيشيواراڻا صلاحيتن تي توجهه مرڪوز رکڻ تي زور ڏنو.

ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته هر سطح تي بهترين صلاحيت سان سڀني چئلينجز سان نبرجي سگهجي ٿو. قومي ڌارا جي سڀني عنصرن کي درپيش چئلينجز سان نبرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.