سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ17 مريض فوت،فوتين جو انگ 3 هزار611 ٿي ويو

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ  17 مريض فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو تعداد 3 هزار 611 ٿي ويو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس بابت انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن  دوران ڪورونا جا وڌيڪ 961 ڪيس سامهون آيا آهن، ڪراچي ۾ 791، حيدرآباد ۾ 25، قمبر ۾ 15، لاڙڪاڻي ۾ 14، دادو ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 12، 12 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير موجب خيرپور ۽ سجاول ۾ 11،11 ٺٽي ۾ 7، ڄامشورو ۾ 6، گهوٽڪي ۽ ميرپور خاص ۾ 5، 5 ڪيس سامهون آيا آهن، وڏي وزير چيو آهي ته بدين ۽ جيڪب آباد ۾ 4، 4 مٽياري ۽ سکر ۾ 3، 3 ٽنڊو الهيار، نوشهروفيروز ۽ سانگهڙ ۾ 2، 2 جڏهن ته ڪشمور ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. وڏي وزير موجب 74 مريض وينٽِي لينٽرز تي آهن، جڏهن ته 704 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 753 مريض صحتياب ٿي ويا جنهن بعد صحتياب ٿيلن جو مجموعي تعداد هڪ لک 97 هزار 430 ٿي ويو آهي.