اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻن نون ججن حلف کڻي ورتو

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ جي ٻن نون ايڊيشل ججن جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس بابر ستار حلف کڻي ورتو آهي.

رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻن نون ايڊيشنل ججن پنهنجي عهدن جو حلف کنيو. حلف کڻندڙن ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري  ۽ جسٽس بابر ستار شامل آهن.

جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس بابر ستار کان چيف جٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حلف ورتو. ٻنهي ججن کي هڪ سال جي لاءِ ايڊيشل جج مقرر ڪيو ويو آهي.