متحده پاران استعيفائن تي غور، حڪومت جي هٿ مان وقت نڪري پيو: خالد مقبول

ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اسان ۽ حڪومت جي هٿ مان وقت نڪري رهيو آهي، استعيفائن جو آپشن استعمال ڪري سگهون ٿا. بهادر آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته آدمشماري ۾ ڄاڻي واڻي آبادين کي گهٽ ڏيکاريو ويو، شهر لاءِ اڍائي ڪروڙ سڃاڻپ ڪارڊ ظاهر ٿيا پر آبادي هڪ ڪروڙ ظاهر ڪئي وئي، شهري علائقن کي زندگي جي هر شعبي ۾ پوئتي رکيو ويو آهي، 18 هين ترميم ۾ قوم کي دوکو ڏنو ويو، حڪومت کان ڌار ٿيڻو آهي يا نه، عوام جي مشاورت سان جلد فيصلو ڪنداسين.