علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائڻ سبب ميشا شفيع عدالت طلب

لاهور: لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ گلوڪار علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا مهم هلائڻ جي معاملي تي جوڊيشل مجسٽريٽ ذوالفقار باري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران پراسيڪيوشن گلوڪاره ميشا شفيع خلاف چالان ۾ اعتراض ختم ڪندي عدالت ۾ پيش ڪيو جنهن تي عدالت گلوڪاره کي 18 جنوري تي ايندڙ ٻڌڻي تي گهرائي ورتو.
ان کان پهريان ايف آءِ اي پاران جمع ڪرايل چالان ۾ گلوڪاره ميشا شفيع ۽ اداڪاره عفت عمر سميت 8 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو هو جنهن م چيو ويو هو ته ميشا شفيع سميت ٻين جوابدارن علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا تي جنسي طور حراس ڪرڻ جا الزام هنيا پر اهي الزام سچ ثابت نه ڪري سگهيا.