ڀارت پاڪستان ۾ سرجيڪل اسٽرائيڪ جِي تياري ڪري پيو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ سرجيڪل اسٽرائيڪ جِي تياري ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هوا ڏيڻ جِي به ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڊس انفو ليب ڀارت جِي سازشن کي وائکو ڪيو. ابوظهبي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت اندروني مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ خطرناڪ راند کيڏڻ چاهي ٿو، والاريل ڪشمير ۾ حالتون سنگين صورتحال اختيار ڪري ويون آهن، ڀارت جِي سازشن کان آگاهه آهيون، ڀارت، فوجي ڪارروائي ڪئي ته ڀرپور جواب ڏينداسين.