افغان طالبان وفد جي اسلام آباد آمد، شاهه محمود سان ملاقات

اسلام آباد: قطر ۾ طالبان جي سياسي آفيس جو سربراهه ملا عبدالغني برادر جي سربراهي ۾ طالبان پوليٽيڪل ڪميشن جو 9 رڪني وفد پاڪستان پهچي ويو، جنهن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي آهي. قطر ۾ طالبان سياسي آفيس جي سربراهه ملا عبدالغني برادر جي سربراهي ۾ طالبان پوليٽيڪل ڪميشن جو 9 رڪني وفد قطر مان ايندڙ اڏام جي ذريعي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپرٽ پهتو. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا ۽ وفد کي سرڪاري مهمان جو درجو ڏنو ويو.سينئر پاڪستاني اختيارين وفد جو استقبال ڪيو. طالبان پوليٽيڪل ڪميشن جو وفد 16 کان 18 ڊسمبر تائين پاڪستان ۾ 3 ڏينهن رهائش اختيار ڪندو ۽ حڪومتي عهديدارن سان ڳالهيون ڪندو جنهن جي دوران افغان امن عمل ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو پاڪستان خطي ۽ افغانستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ وڏي پيماني تي جامع سياسي تصفيه جي حمايت ڪندو رهندو. طالبان وفد جي پرڏيهي وزارت آمد تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آجيان ڪئي.