لاهور جلسي جا ڪيس حڪومت جي پريشاني ۽ بوکلاهٽ جو ثبوت آهي: نفيسه شاهه

اسلام آباد: پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نفيسه شاهه چيو آهي ته حڪومت جلسي جي اجازت ڏيڻ جي ڪوڙي دعويٰ به ڪري ٿي ته ڪيس به داخل ڪري رهي آهي، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيس حڪومت جي پريشاني ۽ بوکلاهٽ جو ثبوت آهي. لاهور ۾ پي ڊي ايم اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ تي رد عمل ظاهر ڪندي نفيسا شاهه چيو ته جلسو ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ اپوزيشن کي ڊيڄارڻ جي ناڪام ڪوشش آهي. هن چيو ته جلسو منعقد ڪرڻ ۽ جلسي ۾ شرڪت ڪارڪنن جو بنيادي آهي، جنهن کي ڪير به نٿو روڪي سگهي. نفيسا شاهه وڌيڪ چيو ته حڪومت هڪ طرف جلسي جي اجازت ڏيڻ جي ڪوڙي دعويٰ ۽ ٻئي طرف ڪيس داخل ڪري رهي آهي، وسيم اڪرم پلس حڪومت ڪارڪنن خلاف داخل ڪيل ڪيس فوري طور تي واپس وٺي.