پي ڊي ايم حڪومت کي 31 جنوري تائين مستعفي ٿيڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي

لاهور: اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) حڪومت کي 31 جنور تائين مستعفي ٿيڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

جمعيت علماءِ اسلام ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ سربراهي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسيمبلين مان استعيفيٰ ۽ لانگ مارچ متعلق فيصلا ڪيا ويا.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته 31 ڊسمبر تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر استعيفائون پنهنجي جماعت جي قائدين کي ڏئي ڇڏيندا.

هن جو چوڻ هو ته واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته حڪومت 31 جنوري تائين مستعفي ٿي وڃي، جيڪڏهن حڪومت مستعفي نه ٿي ته پهرين فيبروري کان لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو.

هن چيو ته اسان انهن سان ڪا به ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون، استعيفائن ۽ اسيمبلين جي تحليل جي اعلان بعد ڪا تجويز آئي ته پي ڊي ايم فيصلو ڪندي.

مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته اسٽيئرنگ ڪميٽي صوبن کي لانگ مارچ لاءِ جيڪو شيڊول ڏنو آهي اهو برقرار رهندو، تنهن ڪري عوام اڄ کان ئي لانگ مارچ جي تياري شروع ڪري ڏئي ۽ عهديدار لانگ مارچ جي تيارين جي نگراني ڪندا.

هن جو چوڻ هو ته سياسي جماعتون پنهنجو پنهنجو منشور رکن ٿيون ۽ ان بنياد تي چونڊ وڙهنديون آهن، جمهوريت کي نقصان نه پهچائينداسين، ان حڪومت ۾ پاڪستان جي دفاع جي صلاحيت ناهي.

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته سڀئي فيصلا اسان گڏجي ڪنداسين ۽ پي ڊي ايم پليٽ فارم تان ڪنداسين، هاڻ ڳالهين جو وقت گذري چڪو آهي، عمران خان جي استعيفيٰ جو وقت آهي.

ان موقعي تي مريم نواز جو چوڻ هو ته سڄي زندگي ۾ اهڙو جلسو مون ناهي ڏٺو، مون کي ڪا ڪرسي نظر نه آئي، ماڻهو بيٺل رهيا، جلسو ٻڌندا رهيا، مون صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کان گلا ڪيو ته جلسا گاهه ننڍي رکي وئي، ماڻهن کي جلسا گاهه کان ٻاهر روڊ تي بيهي خطاب ٻڌڻو پيو.

هن چيو ته تمام افسوس جي ڳالهه آهي ته جنهن ڳالهه جو وجود ئي ناهي اها ڳالهه ڪجهه چينلز هلائي، مون پنهنجي لاهور جي پارٽي ۽ ايم اين ايز جي ڪاوشن کي ساراهيو آهي، مون اهو ضرور چيو ته جلسا گاهه ننڍي رکي وئي.