ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف درخواست تي ايس بي سي اي کي نوٽيس جاري

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف درخواست تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ڪي اليڪٽرڪ، واٽر بورڊ ۽ ٻين ڌُرين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، درخواست ۾ ايس بي سي اي جي اجازت بنا ڪراچي ۾ اڏاوتون جاري رهڻ جي دعويٰ، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته عمارت جي اڏاوت کان ايس بي سي اي، اڳ واٽر بورڊ، ڪي اليڪٽرڪ ۽ ايس ايس جي سي کان اجازت نه ورتي ويندي آهي، عدالت کي منظوري بنا اڏاوتون ڊاهڻ جو حڪم ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي، ٻئي پاسي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر ايم مشتاق ابراهيم سومرو جي مقرري عدالت ۾ چئلينج، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايم مشتاق ابراهيم سومرو جي مقرري ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ درخواست داخل، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته ايم مشتاق ابراهيم سومرو کي غيرقانوني طور ڊائريڪٽر ايس بي سي اي مقرر ڪيو ويو آهي، کيس انتهائي بااثر شخصيت جي چوڻ تي ترقي ڏني وئي، ايم مشتاق ابراهيم جي ڊائريڪٽر طور مقرري وارو سمورو رڪارڊ به طلب ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.