وفاقي سرڪار پاران 16 ڊسمبر کان پيٽروليم شيون مهانگيون ڪرڻ جو امڪان

ڪراچي: وفاقي سرڪار پاران پيٽرول سميت تيل واريون شيون مهانگيون ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب اوگرا پاران 16 ڊسمبر کان پيٽرول 5 رپيا مهانگو ڪرڻ جِي سفارش هاءِ اسپيڊ ڊيزل 7 رپيا في لٽر مهانگو ڪرڻ جِي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن موجب ناڻي واري وزارت ڏانهن اماڻيل اوگرا جِي سمري جِي منظوري وزيراعظم ڏيندو.