اداڪارا ماهرا خان به ڪورونا متاثرن ۾ شامل

ڪراچي اداڪارا ماهرا خان به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي وئي.
اداڪارا انسٽاگرام تي پنهنجي چاهيندڙن کي ٻڌايو ته منهنجي ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو هاڪاري آيو آهي، جنهن کانپوءِ مان قرنطينه ۾ آهيان، اهو ڏکيو آهي پر جلد ٺيڪ ٿي وينديس.
ماهرا خان چاهيندڙن کي پنهنجي صحتيابيءَ لاءِ دعا جي اپيل سان گڏوگڏ سڀني کي ماسڪ پائڻ ۽ ايس او پيز جون خيال رکڻ جون هدايتون به ڏنيون.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اداڪارا نيلم منير به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي هئي.