بالي ووڊ سندري ڪريتي سينن به ڪورونا ۾ وٺجي وئي

نئين دهلي: بالي ووڊ سندري ڪريتي سينن جي ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو به هاڪاري اچي ويو.
ڪريتي سينن انسٽاگرام پوسٽ ذريعي پنهنجي مداحن کي ٻڌايو ته مان ڪورونا وائرس ۾ وٺجي وئي آهيان، ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ مان پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي ۽ صفا ٺيڪ محسوس ڪري رهي آهيان.
هن پنهنجي چاهيندڙن کي چيو ته منهنجي صحت جي حوالي سان پريشان نه ٿين، جلد صحتياب ٿي پنهنجو ڪم ٻيهر جاري رکنديس.