ايڊمنسٽريٽر افتخار شالواڻي کي ڪمشنر ڪراچي جي به چارج ڏيڻ تي نوٽيس جاري

ڪراچي: ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر افتخار شالواڻي کي هڪ ئي وقت ٻن عهدن جي چارج ڏيڻ تي سنڌ سرڪار، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين کي نوٽيسز جاري، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس نديم اختر ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کي اضافي چارج ڇو ڏني وئي؟ ڇا صوبي ۾ ڪو ٻيو قابل آفيسر نه آهي، جنهن کي ڪمشنر ڪراچي مقرر ڪيو وڃي، عدالت ڌُرين کان جواب طلب ڪري ورتو.